|
اسلام آباد (عوامي
آواز رپورٽ) ملڪ تي ساڍا 8 سال
حڪمراني ڪندڙ آمر صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جمهوري قوتن آڏو
گوڏا کوڙي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ جمهوريت آمريت کي مات ڏئي
ڇڏي آهي. 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز شريف جي چونڊيل حڪومت کي ختم
ڪري اقتدار تي قبضو ڪندڙ پرويز مشرف 18 فيبروري تي اڪثريت سان
کٽي آيل حڪومت سان لڳاتار 4 مهينن تائين بقا جي جنگ وڙهڻ
کانپوءِ ڪالهه نيٺ پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه
ريڊيو ۽ ٽي وي تي قوم کي آخري خطاب ڪندي هن اعلان ڪيو ته هو
ملڪ جي ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿو چاهي ۽ ”ملڪ جي مفادن“ ۾ استعيفيٰ
ڏئي ٿو. صدر چيو ته مان نٿو چاهيان ته ايوان صدر ۽ پارليامينٽ
وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ان جي ڪري ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ صدر جي
عهدي مون استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صدر پرويز مشرف چيو
ته مون پنهنجي قانوني صلاحڪارن ۽ سياسي حامين سان صلاح کانپوءِ
استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته مون کي ڪجهه به نه
کپي مان ملڪ جو مستقبل قوم ۽ عوام جي هٿن ۾ سونپيان ٿو ۽
اطمينان ۽ خوشي سان وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته مون کان به
ڪوتاهيون ۽غلطيون ٿيون هونديون پر اهو مون ڄاڻي واڻي ناهن ڪيون.
هن چيو ته ملڪ تيزي سان هيٺ وڃي رهيو آهي. مون کي اميد آهي ته
حڪومت حالتن تي ڪنٽرول ڪري ملڪ کي بحران مان ڪڍندي. هن چيو ته
مان ملڪ ۽ قوم خاطر اهو فيصلو ڪيو. ذاتي مفاد ۾ هجي ها ته ٻيو
ڪجه ڪيان ها. هن چيو ته مون 45 سال فوج ۾ رهي جان داءُ تي
لڳائي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪئي ۽ اڳتي ڪندو رهندس. هن چيو ته
ذهن ۾ ڪافي خيال اچي رهيا هئا ته ملڪ جن بحرانن مان گذري رهيو
آهي. ملڪ کي انهن کي بحرانن مان ڪڍان ۽ مون ۾ اها صلاحيت آهي
پر اهڙو قدم نه پئي کڻڻ چاهيم، جنهن ۾ غيريقيني وڌي وڃي
پارليامينٽ کي هارس ٽريڊنگ کان بچائڻ جو خيال اچي ٿو ۽ پنهنجي
ساٿين کي ڇو مشڪل ۾ وجهان. هن چيو ته حڪمران اتحاد منهنجي خلاف
مواخذي ۾ ناڪام ٿي وڃي ها پر ان سان حڪومت جا ايوان صدر سان
لاڳاپا صحيح نه ٿين ها ۽ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ها ۽ ساڳي طرح ادارن
م به ٽڪراءُ ٿي سگهي پيو ۽ عدليه ۽ پارليامينٽ ۾ ٽڪراءُ پيدا
ٿي وڃي ها ۽ فوج به ڪٿي مسئلن ۾ ڦاسي نه وڃي. هن چيو ته مون
هميشه مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو. پنهنجي ذات لاءِ نه پر ملڪ ۽
قوم جي خاطر ڪيو سڀ ڪجهه صلاح مشوري سان ڪيو سڀني کي اعتماد ۾
وٺي هليس. خطرناڪ فيصلن ۾ به سڀني کي اعتماد ۾ ورتو چاهي، ان ۾
فوج هجي، ڪامورا سول سوسائٽي ۽ سياستدان شامل هيا، جن کي مون
اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪيا. هن چيو ته مان چاهيان ها ته چارج شيٽ
جي الزامن جو جواب ڏيان پر ان سان ملڪ تي ڪهڙا اثر پون ها ، ڇو
ته ملڪ وڌيڪ غيريقيني صورتحال برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ ملڪ جي
معيشت به وڌيڪ دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي سگهه سهي نٿي سگهي. هن چيو
ته صدر کي مواخذي ذريعي هٽائڻ ڪهڙي عقلمندي آهي. هي وقت
سنجيدگي ۽ سوچڻ جو وقت آهي. مواخذو منهنجي خلاف وڃي ها يا
مواخذو ڪندڙن کي شڪست اچي ها ان ۾ قوم جي شڪست هجي ها، ان سان
ملڪ جي ساک متاثر ٿئي ها، ان سان ايوان صدر جي آفيس جي ساک به
متاثر ٿئي ها. ان کان اڳ خطاب ۾ صدر پنهنجي اقتدار سنڀالڻ کان
وٺي ڊسمبر 2007ع جي حڪومت جي ڪارنامن جي تمهيد ٻڌي، ملڪ ۾
موجود مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ بجلي جي بحران جو ذميوار
موجوده حڪومت کي قرار ڏنو. 9 سالن جي اقتدار واري عرصي ۾
پرڏيهي ناڻي جا ذخيره 17 ارب ڊالر دنيا ۾ پاڪستان جي ساک بحال
رهي جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو گروٿ رهيو. ڊالر 60 رپين تائين رهيو ۽
ملڪي معيشت مضبوط رهي. جنرل مشرف چيو ته ملڪ جن حالتن مان گذري
رهيو آهي مون کي ان جو پورو احساس آهي. هن چيو ته 9 سال پهرين
12 آڪٽوبر تي اقتدار سنڀاليو ان وقت پاڪستان دنيا ۾ دهشتگردي
جي لسٽ تي اچڻ وارو هيو. معاشي لحاظ کان ناڪام رياست قرار ڏنو
پئي ويو. ان وقت منهنجي سوچ ملڪ کي بچائڻ لاءِ هئي ته هر
قرباني ڏئي ملڪ کي بچائڻو آهي. هن چيو ته ملڪ کي ڪافي چئلينج
آيا، جنهن ۾ معاشي تباهي آئي 2000 ۾ سوڪهڙو، نائن اليون جو
واقعو، 2005 ۾ آزاد ڪشيمر ۽ نادرن ايريا ۾ زلزلي جا واقعا آيا
پر الله تعاليٰ جي مدد سان انهن سڀني بحرانن مان عزت سان نڪري
آياسين ۽ ملڪ جي عوام کي محفوظ رکيو هر ڪم ۾ منهنجي نيت صاف
هئي ۽ ملڪ کي اهڙن چئلينجن مان ڪڍي سرخرو ٿياسين. هن چيو ته
اسان جي دور معيشت مضبوط ٿي ان جي ڪري ناڻي جا ذخيره وڌندا
رهيا، اهو چوڻ ته 9 سالن کان پاليسيون خراب هيون اهو غلط آهي
ان سان پاڪستان کي وڌيڪ نقصان نه ڏين ۽ عوام کي به دوکو نه ڏين.
اسان جي دور ۾ جون 2007 ۾ بجلي جي پيداوار 14 هزار هئي، جيڪا
جون 2008 ۾ گهٽجي 10 هزار ٿي آهي. ان جو هڪ سبب پاور ڪمپنين
پيداوار گهٽائي ڇڏي، جنهن جي ڪري لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئي. هن چيو ته
منهنجي خيال ۾ هر شعبي تي توجهه ڏنو ويو ۽ ملڪ کي ترقي جي طرف
وٺي وياسين، مواصلاتي نظام ۾ پنڊي، لاهور ايم 3 لاهور، فيصل
آباد، اسلام آباد مري ايڪسپريس، گوادر کان رتوديرو تائين روڊن
جو ڄار وڇايو ويو. پاڻي جا منصوبا جوڙيا ويا. ميراني ڊيم تيار
ٿي ويو. منگلا ڊيم جي توسيع ڪئي وئي، جنهن ۾ 30 فٽ پاڻي اضافي
جمع ٿيندو. گومل ڊيم، ڪڇي مئنال تي 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو
آهي. هن چيو ته هر طرف انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾
4 -5 اسٽار هاسٽل قائم ٿي رهيا آهن. غربت 34 سيڪڙو مان گهٽجي
24 سيڪڙو تي اچي وئي. ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ وڪيشنل تعليم جي تربيت
ڏني وئي. جنهن سان نوجوانن کي نوڪريون پڻ مليون. هاير ڪميشن جي
مدد سان 9 پرڏيهي ملڪن جون يونيورسٽيون قائم ٿي رهيون هيون. پي
ايڇ ڊي جو پروگرام شروع ڪيوسين. 3 هزار پي ايڇ ڊي ڊگري ڪري
واپس ملڪ اچي ويا آهن. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم مفت ڪئي سين.
هن چيو ته 18 فيبروري تي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون، جنهن ۾
سڀني جماعتن حصو ورتو. وزيراعظم بنا مقابلي چونڊجي ويو. سنڌ
حڪومت ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي گڏيل حڪومت ۽ بلوچستان ۾ سڀئي
جماعتون هڪ ٿيون. حڪومت کي بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ مخالف ڌر سان ڏنو.
جنرل پرويز مشرف موجوده صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ سياسي
دنگل ۾ ڦاسي پيو، منهنجي هميشه ڪوشش قومي مفاهمت واري رهي ان
جو ثبوت منهنجو ذاتي رويو جمهوري عمل کي فروغ ڏنو ۽ مون پنهنجو
فوجي عهدو به ڇڏيو. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ منهنجون ڪوششون
ناڪام ويون ۽ ڪجهه عناصرن ۽ دهشتگردي سان سياست ٿي، جنهن سان
نقصان ملڪ ۽ عوام جو ٿيو. مفاهمت جي بچاءِ ٽڪراءَ جو رستو
اختيار ڪيو ويو ۽ ڪجهه سياستدان بدلو وٺڻ ۾ مصروف ٿي ويا ۽
الزام لڳايو ته ايوان صدر ۾ سازشون ٿي رهيون آهن، اهي الزام بي
بنياد هيا. هن چيو ته ايوان صدر مان سازشون ٿين ها ته 18
فيبروري جي اليڪشن صاف ۽ شفاف نه ٿئي ها. هن چيو ته عوام کي
غلط ڳالهيون ٻڌائي دوکو ڏنو پيو وڃي. اهڙين ڪاميابين جي ذڪر
کانپوءِ مشرف اصل ڳالهه تي اچي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. صاف
پاڻي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ فلٽر پلانٽ لڳاياسين. عورتن جي ترقي
لاءِ انهن لاءِ صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽون مقرر
ڪيون ويون. يونين سطح تي انهن کي سياست ۾ آندوسين، سندن جي
معاشي ۽ سياسي ترقي ڪئي سين، انهن جي نوڪرين ۾ ڪوٽا کي وڌايو
ويو. اقليتن جو خيال رکيوسين، جن کي مخصوص ۽ جنرل سينيٽ ۾
ڀليڪار ڪيو سين. قائداعظم جي مزار کي جوڙيوسين، جتي هزارين
ماڻهو سير تفريح لاءِ اچي رهيا آهن .ڪلچر کي هٿي ڏني سين. 2
ڀيرا چونڊون ڪرايون جيڪي صاف ۽ شاف هيون، جنهن کي دنيا به
تسليم ڪيو. |